اسان 8 مارچ 2019 تي، پورهيت عورتن جي 109 ئين عالمي ڏينهن تي سڄي دنيا جي عورتن جي جدوجھد سان وک وک ۾ ملائي عورت جي غلامي، جبر، تشدد ۽ استحصال جي هر صورت کان نجات ۽ آزادي جي پنھنجي جدوجهد جو وچن ورجايون ٿا. اسان سمجھون ٿا ته پدرشاھي نظام، ڪٽنب کان وٺي رياست تائين، صنفي اڻبرابري کي جنمي، سانڍي ۽ سنڀالي ٿو ۽ عورت جي جنس جي بنياد تي ٿيندڙ ھر ڏاڍائي ۽ استحصال کي قانوني، ثقافتي ۽ مذهبي جواز بخشي ٿو. ان ڪري “عورت آزادي مارچ” پدرشاهي نظام کي ساھ ڏيندڙ ۽ ان سبب زندگي حاصل ڪندڙ جاگيرداري/ سرمائيداري نظام، طبقاتي استحصال ، قومي جبر ، عالمي سامراجيت ۽ مذهبي انتهاپسنديءَ سميت رياست توڙي سماج جي ھر ان عمل خلاف جدوجھد جو اعلان آھي جيڪو عورت جي برابري، آزادي ۽ ان جي سماجي، معاشي ترقي جي رستا روڪ ڪري ٿو.

“عورت آزادي مارچ” عورت جي آزاد انسان ھئڻ واري مساوي حق کان انڪاري ھر اُن روايت ۽ نظام کان آزادي چاھي ٿو جيڪو عورت جي پورھئي، توليدي صلاحيت ، سندس زندگي ۽ جسم تي سندا سڀ اختيار کسي، اڌ آباديءَ کي ذھني طور تي مفلوج ڪري، سڄي سماج کي اڌ رنگي مريض بڻائي ڇڏي ٿو. اهڙي ريت “عورت آزادي مارچ” صرف عورتن جي نه پر ڪُل سماج جي آزاديءَ جو آدرش سانڍي وڌيو آهي ۽ وڌندو رهندو.

اسان سماج جي متحرڪ عورتون، هڪ پاسي سنڌ جي شهر توڙي ٻھراڙي جي پورهيت عورتن، ھارياڻين، شاگردياڻين، نوڪري پيشھ ۽ عام گھرو عورتن کان وٺي سماج جي ھر طبقي جي عورت جي نمائندگي ڪندي ۽ ٻي پاسي اسانجي سڏ کي ورنائيندڙ ترقي پسند سياسي، سماجي تنظيمن، ادبي انجمنن، شاگرد توڙي مزدور يونينن کي عورتن جي هن عالمي ڏھاڙي تي پنھنجي جدوجھد جو شريڪ بنائيندي، پنهنجو مقصد ۽ مک مطالبا هيٺ رکون ٿا.

مقصد

  • صنفي / جنسي مت ڀيد ۽ پِدرشاهي جو خاتمو
  • اقتصادي ۽ معاشرتي ترقيءَ ۾ برابريءَ جي بنياد تي عورتن جي شراڪت داري.
  • جنس سان جُڙيل سمورين امتيازي روايتن، قانونن ۽ نصابي سمجهاڻين جو خاتمو.
  • گهر، ٻني، ڪارخاني توڙي آفيس ۾ عورتن خلاف هر قسم جي دٻاءُ ۽ تشدد جو خاتمو.
  • عورتن جي سماجي، معاشي، سياسي، ثقافتي ۽ شهري حقن جو قانوني تحفظ..
  • ڪارخاني توڙي ٻني ۾ روزاني اجرت تي ڪم ڪندڙ پورھيت عورتن جي اجوري ۾ واڌ.

مطالبا

  1. عورتن جي اڪثريت غير رسمي شعبي ۾ ڪم ڪري ٿي، جن تي مزدور قانون لاڳو نٿا ڪيا وڃن. اسان صوبائي ۽ وفاقي حڪومت کان گهٽ ۾ گهٽ اُجرت جي آئيني ضمانت ۽ ان تي عملدرآمد، ونگار ۽ جبري مُشقت تي پابندي، ڪانٽريڪٽ ملازمت جي مستقل ملازمت ۾ تبديلي، غير رسمي شعبي سان جُڙيل مزدورن تي ليبر قانونن جو اطلاق، کيت مزدورن کي صنعتي مزدورن جيترا برابر حق ۽ مراعتن سان گڏ سمورن شعبن ۾ عورتن لاءِ برابر موقعن ۽ اُجرتن جي گُهر ڪيون ٿا.
  2. عورتون جي معاشي خودمختياري جي ڏس ۾ غير رسمي شعبن ۾ جھ عورتن جي لاءِ روزگار جا موقعا فراھم ڪيا وڃن.
  3. اسان ٻھراڙي جي ھارياڻي عورت لاءِ پڻ نيئن سر ٽيننسي ايڪٽ ۾ مناسب اجوري ۽ معاشي تحفظ لاءِ ترميم چاھيون ٿا.
  4. زرعي سُڌارا ڪري، سياسي زميندارن جا قبضا ڇڏائي اُھي زمينون بي زمين ھارياڻين ۾ مالڪاڻي حقن سان ورھايون وڃن. ڪچي جون زمينون بي زمين ھارياڻين کي ليز تي ڏنيون وڃن.
  5. ٿر جي ڏڪار سٽيل عورتن کي مستقل بنيادن تي غذائي ضرورتن جي فراھمي سميت سندن تعليم، روزگار، صاف پاڻي ۽ صحت جي بنيادي سھولتن جو جوڳو انتظام ڪيو وڃي.
  6. اسان تعليم، صحت، روزگار ۽ رهائش جي ضرورت کي رياست جي ذميواري سمجهون ٿا ۽ انهن کي خانگائڻ جي پاليسين ۽ جاري عمل کي في الفور بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ٿا. اسان گُهر ڪيون ٿا ته عسڪري خرچن کي گهٽائي. تعليم ۽ علاج (خاص ڪري ڇوڪريون) تي خرچ عالمي معيار مطابق وڌايو وڃي.
  7. اسان ڪيمپس جمهوريت جي حمايت ڪندي مطالبو ڪيون ٿا ته نصاب کي جمهوري، سائنسي، صنفي برابري ۽ سيڪيولر بنيادن تي ترتيب ڏنو وڃي. ان سان گڏ سنڌ جي وڏن شهرن ۾ ڇوڪرين جي هاسٽلن ۾ اضافو ڪيو وڃي ۽ موجود هاسٽلن تي اڻ اعلانيل ڪرفيو ختم ڪيو وڃي.
  8. شاگردياڻين جي آمدرفت واري سھوليت ڏيڻ لاءِ سنڌ جي يونيورسٽين جي شاگردياڻين لاءِ اسڪوٽر جي سواري کي متعارف ڪرائي مفت اسڪوٽر فراھم ڪرڻ سان گڏ شھرن ۾ عام پورھيت عورتن لاءِ مخصوص بسون ھلايون وڃن.
  9. اسان انڪروچمينٽ جي نالي ۾ ڪچي آباديون مسمار ڪرڻ واري حڪومتي پاليسين ۽ فيصلن جي مزمت ڪريون ٿا ۽ پورهيتن لاءِ شهرن ۾ ليبر ڪالونيون ۽ سستا گهر ٺاهڻ جو مطالبو ڪريون ٿا. اسان انهن ڪچين آبادي ۾ رهندڙ ۽ وڏن گهرن ۾ گهريلو مزدور طور ڪم ڪندڙ عورتن جي گهٽ ۾ گھٽ اجرت ۽ تشدد کان سندن بچاءُ جي لاءِ “سنڌ ڊمويسٽڪ ورڪرز ايڪٽ” جوڙڻ سان گڏ مصيبت ماريل عورتن لاءِ “سيف هائوسز ” ٺاهڻ جي گُهر ڪيون ٿا.
  10. اسان مطالبو ڪيون ٿا ته ٽرانس جينڊر کي برابري جي بنياد تي سماج جو حصو بنائڻ لاءِ “ٽرانس جينڊر پرسنس ايڪٽ 2018” تي عملدرآمد ڪيو وڃي. تعليمي ادارن ۾ سندن لاءِ ڪوٽا مختص ڪري ، سندن روزگار جا جوڳا بندوبست ڪيا وڃن.
  11. جسماني طور تي اسپيشل عورتن لاءِ سرڪاري نوڪرين، تعليمي ادارن م مخصوص ڪوٽا مختص ڪئي وڃي
  12. جمهوريت ۽ انساني برابري جي متضاد، رياستي سطح تي پدرشاهي ۽ مرداڻي بالادستي قائم رکڻ وارا ضيائي قانون ۽ ادارا بشمول اسلامي نظرياتي ڪائونسل ۽ وفاقي شرعي عدالت جو خاتمو ڪيو وڃي.
  13. اسان گهريلو تشدد کي “ڏوهه” قرار ڏيون ٿا ۽ ان ڏس ۾ ٿيل حاليه قانون سازيءَ کي ناڪافي سمجهون ٿا. اسان مطالبو ڪيون ٿا ته انهن قانونن ۾ ترميمون ڪري، گهريلو تشدد کي ڏوهه قرار ڏنو وڃي.
  14. پورهيت عورتن ۽ شاگردياڻين لاءِ وڏن شهرن اندر ۽ ويجهي ٻهراڙيءَ کان پبلڪ ٽرانسپورٽ جو جوڳو انتظام ڪيو وڃي.
  15. مذھبي اقليتن جي ميريج ايڪٽ توڙي وراثت واري قانونن ۾ ترميم ڪري عورتن کي مڪمل طور تي قانوني تحفظ ڏنو وڃي.
  16. مذھبي اقليتن سان پسند جي پرڻي جي صورت ۾ عدالتي فيصلن ۾ ننڍي عمر ۾ شادي واري ايڪٽ جو خاص خيال رکيو وڃي. ان صورت ۾ ڪنھن مدرسي جي مذھب جي تبديلي واري سند بجائي عمر جي سرٽيفيڪٽ کي عدالتي ڪاروائي جو لازم جو حصو بنايو وڃي.
  17. اقليتي مذھب رکندڙن جي پسند جي پرڻي ۾ مذھب جي تبديلي واري معاملي ۾ مناسب قانون سازي ڪري مذھبي اقليتين کي مساوي شھري سمجھي تحفظ فراھم ڪيو وڃي.
  18. جرڳن تي عدالتي پابندي جي آجيان ڪندي، اسان گُهر ڪيون ٿا ته جرڳن خلاف قانونسازي ڪري ان کي پاڪستان پينل ڪوڊ جو حصو بنايو وڃي.
  19. اسان جنگي جنون جي خاتمي، پاڙيسري ملڪن سان دوستاڻي رشتي، مذهبي انتهاپسندن جي رياستي پٺ ڀرائي جي خاتمي سان گڏ، فوجي آپريشن ۽ فوجي عدالتن جي خاتمي ۽ بلوچستان مسئلي کي سياسي بنيادن تي حل ڪرڻ جي گهر ڪريون ٿا.
  20. اسانجي گُهر آهي ته کنڀي کڻي گم ڪيل ماڻهن کي بازياب ڪرايو وڃي ۽ سندس قانوني حقن جي پاسداري ڪئي وڃي. اسان عورتن جي سماجي بيهڪ بابت جوڙيل قومي ڪميشن (National Commission on the status of women) کان مطالبو ڪريون ٿا ته کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي زالن جي ازدواجي حيثيت جي تعين لاءِ قانون سازي ڪن ۽ مڙس جي وراثت ڏيارڻ سان گڏ ٻارن کي سرڪاري تعليم ۽ وظيفو ڏيارڻ جي پاليسي وضع ڪن.
  21. سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ جي ڪري عورتون عام واھپي جي پاڻي توڙي زرعي پوکي لاءِ پاڻي نھ ھئڻ ڪري مردن جي ڀيٽ ۾ ٻيڻي عذاب مان گذرن ٿيون، ان ڪري مطالبو ڪجي ٿو تھ سنڌ ۾ پاڻي کوٽ جي مسئلي کي ھنگامي بنيادن تي نبيريو صوبي کي پاڻي ورڇ ۾ جائز حصو ڏنو وڃي.
  22. ارڙھين ترميم سميت صوبائي خود مختياري جي حوالي سان وفاق جي بيجا مداخلت ختم ڪري، پارليامينٽ کي خودمختيار جھموري ادارا بنائي عوام جي حقيقي نمائندگي واري ايوان واري حيثيت بحال ڪئي وڃي.

 

 

پاران: عورت آزادي مارچ جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here